عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان

عبدالرحيم ڪلهوڙو، ميان: مشهور خطاط ميان عبدالرحيم ولد ميان علي 1800ع ڌاري ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ پنهنجي وقت جو نامور خطاط ٿي گذريو آهي. هن قرآن مجيد جا ڪيترائي نسخا ڪتابت ڪيا. هيءُ نامور بزرگ ميان صابر فقير جو سئوٽ هو. هن جا ننڍپڻ ۾ پنهنجي سئوٽ سان خوشنويسيءَ جا ڪيترائي دلچسپ مقابلا ٿيا. مقابلن ۾ جج ميان سڄڻ ٿيندو هو. جيڪو پڻ خطاط هو. ميان عبدالرحيم خوشنويسيءَ جي سکيا پنهنجي ڏاڏي ميان سڄڻ کان ورتي. هن قرآن مجيد کان سواءِ فارسيءَ ۾ ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾ به خطاطي ڪئي. هن جوانيءَ ۾ديهه ڪلر، تعلقي قنبر ۾ هڪ ڳوٺ ٻَڌايو. جيڪو اڄ عبدالرحيم ڪلهوڙي جي نالي سان آباد آهي. هن 1891ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي آبائي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس هڪ پٽ لونگ به سٺو خطاط ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو